ڊاڪٽرعثمان علي جي. عيساڻي

ڊاڪٽرعثمان علي جي. عيساڻي

عثمان علي جي عيساڻي ڊاڪٽر

عثمان علي جي. عيساڻي، ڊاڪٽر: رٽائر ڪئپٽن ۽ تعليمدان محمد عثمان ولد جي. ايم عيساڻي، 27 مئي 1934ع تي ڊکڻ شهر ڀرسان ڳوٺ بڊي، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. انٽر تائين تعليم لارينس ڪاليج مريءَ مان حاصل ڪرڻ بعد ايم. اي. سي (ايجوڪيشنل پلاننگ) برڪلي آمريڪا مان ڪيائين، جنهن بعد ايم. اي تاريخ ۾ پنجاب يونيورسٽيءَ مان ۽ پي. ايڇ. ڊي نمل يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. سندس خاندان بنيادي طور تي زميندار گهراڻو آهي. هن 1966ع تائين سرحد صوبي ۾ نوڪري ڪئي. ڪجهه عرصو سنڌ ۾ به نوڪري ڪيائين. هيءُ ڪيترن ئي اهم عهدن تي ڪم ڪري چڪو آهي، جنهن دوران هن تعليمي ميدان ۾ سوين سنڌي نوجوانن جي مدد ڪئي ۽ لکين نوجوانن کي روزگار سان لڳرايو. سندس اهم عهدن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر 1962ع، ڊپٽي ڪمشنر/ ڪليڪٽر خيرپور 1966ع کان 1967ع تائين، سيڪريٽري تعليم، چيف سيڪريٽري، وزارت تعليم، پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ سرحد صوبي ۾، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري سرحد صوبي ۾ 2 ڀيرا، 1980ع جي ڏهاڪي ۾ چيف سيڪريٽري، سيڪريٽري خوراڪ، زراعت، حڪومت پاڪستان، سيڪريٽري، وزارت صحت، ريلويزي کاتي ۾ سيڪريٽري، سيڪريٽري جنرل اسٽيبلشمينٽ ڊويزن پاڪستان، پرنسپل سيڪريٽري ٽو وزيراعظم محمد خان جوڻيجو، چيئرمئن يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن، وائيس چانسلر قائداعظم يونيورسٽي، اسلام آباد وغيره شامل آهن. کيس اهو اعزاز پڻ حاصل آهي ته هي هڪ سنڌي آفيسر جي حيثيت ۾ ڪنهن ٻئي صوبي ۾ ڊگهي عرصي لاءِ سي. ايس رهيو. عثمان عيساڻي سرحد صوبي جي اڳوڻي گورنر ۽ چيف منسٽر جنرل فضل الحق سان گڏ فوج ۾ ڪميشن ڪئي هئي. اهو ئي سبب هو جو فضل الحق جيترا ڀيرا گورنر ۽ وڏو وزير رهيو، تيستائين عثمان عيساڻي صوبي جو چيف سيڪريٽري رهيو. هن قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد ۾ وي. سي هجڻ دوران سنڌي نوجوانن لاءِ تعليمي ميدان ۾ دروازا کولي ڇڏيا ۽ کين روزگار ڏياريو. سندس علائقي جا ڪيترائي نوجوان اهم عهدن تي فائز آهن، جيڪو سندس محنت جو ئي نتيجو آهي. سندس ڪجهه تصنيفون پڻ شايع ٿيل آهن جهڙوڪ:
1. Women’s Access to Higher Education in Pakistan: A Case study of Women to Higher Education in Pakistan (2010)
2. Problems of Higher Education (Research Paper: 2001)
3. Pakistan: Over prints on Indian Stamps and Postal Stationary (1993)
4. The Amirate of Bahawalpur, Postal History and Stamps (1932- 1949), 2006.
کيس هڪ پٽ ۽ هڪ ڌيءَ جو اولاد آهي. سندس ڌيءَ پمز اسپتال اسلام آباد ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ پٽ اينگرو ڪمپنيءَ ۾ آفيسر آهي. پاڻ اسلام آباد ۾ رهي ٿو ۽ هن وقت اقرا يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر جي حيثيت ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. ان سان گڏ وفاقي فلاح و بهبود اداري جو سرگرم ڪارڪن آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1934.05.27  عيسوي

رٽائر ڪئپٽن ۽ تعليمدان محمد عثمان ولد جي. ايم عيساڻي، 27 مئي 1934ع تي ڊکڻ شهر ڀرسان ڳوٺ بڊي، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بخشو لانگاهه
ارباب منور هالو
سليم ناصر
جـيـن جـيـڪس روسـو
سجاد مهر
سليم مگسي
عبدالحسين ميمڻ
سيد اسماعيل شاهه شاهڪپور وارو
بلو سي راڻي
جمالي حاجي علي بخش
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون